سلطانه صديقي

سلطانه صديقي

سلطانه صديقي

سلطانه صديقي: مشهور پروڊيوسر سلطانه صديقي، سنڌ جي هڪ اهم خاندان سان تعلق رکي ٿي. سندس والد جو نالو امداد محمد صديقي هو. سندس ڀائرن مان سنڌ يونيورسٽيءَ جو اڳوڻو وائيس چانسلر مظهرالحق صديقيءَ ۽ مشهور واپاري، صنعتڪار ۽ بينڪار جهانگير صديقي ڄاتل سڃاتل شخصيتون آهن. سلطانه صديقي هن وقت پاڪستان ۾ ’هم ٽيليويزن‘ جي نالي سان خانگي ٽي. وي چئنل جي سربراهه ۽ بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي چيئر پرسن طور ڪم ڪري رهي آهي. سنڌ ۾ سندس شمار ڪامياب عورتن ۾ٿئي ٿو. هن پنهنجي ابتدائي تعليم مڪمل ڪرڻ بعد گورنمينٽ گرلس اسڪول حيدرآباد (ميران اسڪول) مان مئٽرڪ ۽ زبيده ڪاليج حيدرآباد مان انٽر ڪرڻ کانپوءِ 65-1964ع ڌاري سنڌ يونيورسٽيءَ مان مذهبيات ۾ تقابلي مطالعي جي شعبي مان بي اي آنرز جو امتحان فرسٽ ڪلاس سيڪنڊ پوزيشن سان پاس ڪيو. ان کانسواءِ ان دور ۾ تقريري مقابلن ۽ ڊبيٽ ۾ لاڳيتو ٽي سال پهريون ۽ ٻيو نمبر کڻندي رهي. کيس سي.ايس.ايس ڪرڻ جو گھڻو شوق هو، پر شادي ٿيڻ سبب سندس تعليم جو سلسلو اڳتي وڌي نه سگھيو. شاديءَ کانپوءِ هن پنهنجي لاءِ ٽي. وي جي شعبي جو انتخاب ڪيو. سندس پهريون پروگرام ’سرتين سٿ‘ هو، جيڪو 1984ع ۾ پاڪستان ٽيليويزن تان نشر ٿيو، جنهن ۾ هن ميزبانيءَ جا فرض سرانجام ڏنا. تنهن کانپوءِ جلد ئي پي. ٽي. وي ڪراچي سينٽر تان نشر ٿيندڙ ٻن سنڌي ڊرامن ۾ مکيه ڪردار ڪري اداڪاريءَ جا جوهر پڻ ڏيکاريائين. ان کانسواءِ پاڪستاڻ ٽيليويزن نيٽ ورڪ ۾ پروڊيوسر مقرر ٿي ۽ پروگرام مئنيجر ۽ سينئر پروڊيوسر جي حيثيت سان پڻ ڪم ڪري چڪي آهي. سلطانه صديقي عملي زندگيءَ کان علاوه سماجي زندگيءَ ۾ به ٻين ڪيترن ئي ادارن سان وابسته رهي آهي، جن ۾: صدر سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (خواتين شاخ)، ميڊيا وومن جرنلسٽ ائنڊ پبلشرز آرگنائيزيشن جي صدر، جامعه مدرسة الاسلام ڪراچيءَ جي بورڊ آف گورنرس جي ميمبر، پاڪستان ۾ قائم دفاعي ۽ ڪاروباري پيشه ور خواتين جي ڪميٽيءَ جي صلاحڪار ڪاميٽيءَ جي ميمبر ۽ پاڪستان آرٽس ڪائونسل، ڪراچيءَ جي ميمبر شپ پڻ شامل آهن. هن پنهنجي عملي سفر ۾ بيشمار اوارڊ ۽ اعزاز پڻ حاصل ڪيا آهن. جن ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن پاران گولڊ ميڊل، صحافتي ادارن طرفان وومن آف دي ويزن اوارڊ (Women of the Vision Award) نگار اوارڊ، لطيف ادبي اوارڊ (نشان لطيف)، خديجة الڪبريٰ گولڊ ميڊل ۽ 2007ع ۾ ’صدارتي اوارڊ برائي حسن ڪارڪردگي‘ قابل ذڪر آهن.
سلطانه صديقي پاڪستان سميت ٻين ملڪن ۾ ٽيليويزن متعلق منعقد ٿيندڙ سيمينارن، ڪانفرنسن ۽ ورڪشاپن ۾ به وقت بوقت حصو وٺندي رهي آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي قومي توڙي بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ خصوصي مقرر طور شرڪت پڻ ڪيائين. اسيءَ جي ڏهاڪي ۾ سندس شادي شفيع قريشيءَ سان ٿي. ان حوالي سان ڪجهه وقت سلطانه شفيع جي نالي سان سڃاتي وئي، پر اها شادي گهڻو وقت نه هلي سگهي. سلطانه صديقيءَ کي ٽن پٽن جو اولاد آهي، جيڪي ساڻس گڏ رهن ٿا ۽ پنهنجي والده جي ٽيليويزن چئنل ۾ مددگار هئڻ سان گڏ پنهنجو ڪاروبار به ڪن ٿا. سلطانه سنڌ جي انهن ڪامياب عورتن مان هڪ آهي، جيڪي پنهنجي صلاحيتن سان پاڻ مڃائي اڳتي وڌن ٿيون.


لفظ سلطانه صديقيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو